حڪومت 70 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر متاثرن کي پاڻي ناهي مليو: سراج

حڪومت 70 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر متاثرن کي پاڻي ناهي مليو: سراج

سڪرنڊ (ن س ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪومت 70 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر اڃا تائين متاثرن کي نه پئسا مليا آهن نه ئي پاڻي نيڪال ٿيو آهي سنڌ هڪ ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهي آهي ۽ ان بيٺل پاڻي سبب بيماريون منهن ڪڍي رهيون آهن سراج الحق سڪرنڊ ۾ الخدمت ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملاقات به ڪئي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ ڊرامو لڳل آهي پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آئي ٻئي آئي ايم ايف جا غلام آهن انهن جي جنگ پنهنجن مفادن لاءِ آهي نه ڪي عوام جي نه ڪشمير جي نه ڪنهن کي روزگار ڏيڻ جي ناهي هي ويڙهه سئو سيڪڙو مافياز جي ويڙهه آهي منهنجو سنڌ جو ٻوڏ متاثر علائقن جو هي ٽيون دورو آهي مان اهو محسوس ڪيو ته اسان جي مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ 100 سيڪڙو ناڪام ٿي ويون آهن عالمي ميڊيا به اها شئي ڏيکاري ته پاڪستاني حڪومت ذميواري پوري ناهي ڪئي ۽ جيڪا امداد اچي رهي آهي ان جي ورڇ جي ذميواري به انهن ماڻهن تي رکي وئي جن تي پهريان ئي گهوٻين جا الزام آهن نيب ڪيس آهن پر اسان پنهنجي صوبائي قيادت کي آگاهه ڪري ڇڏيو ته عوام تائين سندن حق نه پهتا ته جماعت اسلامي سندن حقن جي ويڙهه وڙهندي هن چيو ته اسحاق ڊار هجي يا ڪوئي ٻيو ناڻي وارو وزير هي سڀ ورلڊ بئنڪ جا ايجنٽ آهن هي سڀ اين آر او جي نتيجي ۾ وزير بڻيا آهن ان موقعي تي اسد لله ڀٽو محمد حسين محنتي ۽ ممتاز سهتو سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا ٽينٽ سٽي جي دوري وقت الخدمت ڊيزاسٽر مئنجمينٽ سنڌ جي انچارج ڪنور راشد مڪرم کيس ٽينٽ سٽي تي بريفنگ ڏني هن کان اڳ هن درگاهه پير ذاڪري جي گادي نشين سيد منير شاهه سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت به ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو