حڪومت ۽ جي يو آءِ ۾ معاملا طئي، ريڊ زون ۾ نه وڃبو

اسلام آباد (اياز مهر) حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ معاملا طئي ٿي ويا، آزادي مارچ وارا ڀڃ ڊاهه نه ڪند ۽ حڪومت رڪاوٽ پيدا نه ڪندي، ڪنٽينر رستن تي موجود هوندا پر رستا بند نه ڪيا ويندا.

حڪومت ضرورت مطابق معاهدي جي خلاف ورزي جي صورت ۾ پنهنجو هر آپشن استعمال ڪندي. اسلام آباد ضلعي انتظاميا ۽ جي يو آءِ جي مقامي قيادت معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون. دفاع واري وزي پرويز خٽڪ ميڊيا ذريعي قوم کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي ته اسين جمهوري ماڻهو آهيون ڳالهه ٻولهه ذريعي معاملا طئي ڪياآهن ۽ اسين جي يو آءِ جا ٿورائتا آهيون. هو  ريڊ زون ۾ نه ايندا، پشاور موڙ لڳ آچر بازار لڳ گرائونڊ ۾ جلسو ڪري هليا ويندا. ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته مولوين جي قيادت حڪومت پاران ماني يا موچڙا جي ڪيل آڇ مان ماني جي چونڊ ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو