حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي پر زرداري جلد جيل ويندو: عمران خان

خيبرايجنسي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي، پر آصف زرداري جيل ويندو. هُن آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي آڇ ڪندي چيو آهي ته هو ڌرڻي لاءِ ڪنٽينر به مهيا ڪندو، ماني ۽ پاڻي به ڏيندو. جمرود اسٽيڊيم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ آصف زرداري جا گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ارب رُپيا پيل آهن ۽ هي اسان تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان کين اين آر او ڏيون پرايئن ڪو نه ٿيندو. هن چيو ته آصف زرداري اچي ۽ هڪ هفتو اسلام آباد ۾ گذاري ڏسي، اسان کيس کاڌو پيتو به مهيا ڪنداسين ۽ ڪنٽينر ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون. جنهن شخص پرچي (وصيت) ڏيکاري پارٽي وراثت ۾ ورتي، اُهو ڪڏهن به ليڊر نٿو ٿي سگهي ڇو ته ليڊر هميشه جدوجهد سان پيدا ٿيندو آهي. وزيراعظم چيو ته آصف زرداري صاحب! ڌرڻو تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي، جڏهن توهان عوام جي حقن لاءِ نڪري اچو، عوام جي ڳالهه ڪريو ٿا ته ڇا ڊي چوڪ تي 4 مهينا ڌرڻو هڻي سگهو ٿا؟ خطاب دوران عمران خان مولانا فضل الرحمان تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هو ته هر ٻئي ڏينهن ملين مارچ جي ڳالهه ڪندو آهي پر ڪندو ڪجهه به ناهي. هو فرنٽ مين آهي کيس هاڻي اقتدار نه ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو