اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت مهانگائي کان متاثر ٿيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول جَي اگهن ۾ 2 رپيا واڌ، هاءِ اسپيڊ ڊيزل هڪ رپيو 44 پيسا ۽ گاسليٽ 3 رپيا 86 پيسا مهانگوڪري ڇڏيو. پيٽروليم واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، پيٽرول جو نئون اگهه 112 رپيا 69 پيسا مقرر، هاءِ اسپيڊ جِي نئين قيمت 113 رپيا 99 پيسا ۽ گاسليٽ جو نئون اگهه 85 رپيا 75 پيسا في لٽر مقرر، تيل جا نوان اگهه اڄ کان لاڳو ڪيا ويا.










