حڪومت پاران شهباز بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) لاهور هاءِ ڪورٽ پاران شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي خلاف حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. گهرو وزارت پاران داخل ڪيل درخواست ۾ شهباز شريف کي ڌر بڻايو ويو آهي. اپيل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهباز شريف جو نالو پي اين آءِ ايل ۾ هو، لاهور هائيڪورٽ نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ حتمي رليف فراهم ڪري ڇڏيو. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ وٽ پرڏيهه وڃن جي اجازت ڏيڻ جو ڪو جواز نه هو. شهباز شريف کي پرڏيهه وڃن جي اجازت ڏيڻ واري درخواست ان ڏينهن ئي فيصلو ٻڌايو ويو، اهڙي ريت لاهور هائي ڪورٽ قانوني اصولن جي خلاف فيصلو ٻڌايو، تنهنڪري هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي..

پهنجو تبصرو موڪليو