حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو ته لانگ مارچ ڪنداسين

حڪومت معاهدي تي عمل نه ڪيو ته لانگ مارچ ڪنداسين

لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته حڪومت ڌرڻي واري معاهدي تي عمل ڪري، ٻي صورت ۾ لانگ مارچ ڪيو ويندو.لياقت بلوچ چيو آهي ته هڙتال ڪامياب ٿي، واپاري ۽ عوام ڪامياب ٿي ويا، حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، حافظ نعيم شٽر ڊائون هڙتال ڪري حڪومت کي چتاءُ ڏنو آهي.لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو.هن چيو ته قومپرستي جي آڙ ۾ دهشتگردي بلوچستان سان دشمني آهي، ڪو به قومپرست، دهشتگرد قومي اتحاد کي ٽوڙي نٿو سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو