ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه مري ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ گروٿ فار رورل ايڊوانسمينٽ اينڊ سسٽينبل پروگريس ميچنگ گرانٽ چيڪ ورهائڻ واري تقريب ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي. وفاقي وزير شازيه مري ٻڌايو ته اسان جو مقصد صوبي جي 6 ضلعن مان ننڍي ۽ وچولي ادارن جي سهڪار سان صوبي جي مجموعي معاشي ترقي ۾ حصو وٺڻ آهي. وفاقي وزير شازيه مري پنهنجي تقرير دوران چيو ته هو پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي يورپي يونين ۽ آئي ٽي سي جي شڪر گذار آهيون وفاقي وزير ۽ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن شازيه مري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ مختلف ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. تقريب جي آخر ۾ وفاقي وزير پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ تي سمورن عالمي ادارن جا ٿورا مڃيا ۽فاتحن ۾ چيڪ پڻ ورهايا. ان موقعي تي غفران ميمڻ، سيڪريٽري، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت،رابرٽ اسڪڊمور چيف سيڪٽر ۽ انٽرنيشنل مقابلي،عبدالرشيد سولنگي سيڪريٽري صنعت ۽ واپار موجود هئا.










