اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن جي سينيٽر طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته حڪومت جو رڳو هڪ مقصد آهي ڳالهين جو ته جيئن وڌيڪ لاش نه گرجن. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جون سڀ ڊيڊ لائينون ناڪام ٿي چڪيون آهن، سندن آخري ڪال به ناڪام ٿي. طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪرم جي معاملي تي وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه جي گورنر سان رابطي ۾ آهي، ان معاملي تي صوبائي حڪومت جو پهريون فرض آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته ملڪ جي مسئلن تي پي ٽي آءِ جي لاتعلقي ماضي ۾ به ساڳي هئي، پي ٽي آءِ جا باني پنهنجي انا کي قومي مفادن کان وڏو سمجهن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته بغاوت کي ڪامياب ٿيڻ نه ٿو ڏئي سگهجي، جڏهن به دوست ملڪ پاڪستان اچي ته احتجاج جو اعلان ڪيو ويندو آهي.طلال چوڌري جو اهو به چوڻ آهي ته رياست سان وڙهڻ ناممڪن آهي، رياست سندس هر سڏ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ سياسي رويو اختيار ڪري، جيڪي چاهين ڪن، اين آر او نه ملندو، نه ملندو.










