پنجاب ۾ عوام کي مفت سولر پئنل ڏيڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز عوام کي رليف ڏيڻ بابت وڏو فيصلو ڪندي ٻه سئو يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مفت سولر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم نواز منصوبن مان پئسا منتقل ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو.هن چيو ته بجلي جي وڌندڙ بلن تي ڏاڍي تڪليف آهي، بجليءَ جي وڌندڙ بل ڏسي غريبن جي پريشاني کان آگاهه آهيان، غريبن سان گڏ آهيان ۽ سدائين سندن حق بيٺي رهنديس.

پهنجو تبصرو موڪليو