حڪومت بجيٽ بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو، پ پ پاران خدشن جو اظهار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي بجيٽ جي تياري ۾ اعتماد ۾ نه وٺڻ تي پيپلز پارٽي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت بجيٽ بابت ڪجهه نه ٻڌايو آهي، نه ئي اسان کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. خبر ناهي(ن) ليگ نجڪاري پاليسي ٽيڪسز ۽ ترقياتي پروگرام تي ڇا ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته خبر ناهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن ۾ ڪهڙي صوبي کي ڪهڙو حصو ڏنو پيو وڃي. اها به خبر نه آهي ته حڪومت بجيٽ پاڻ ٺاهي رهي آهي يا آءِ ايم ايف جو بجيٽ مڙهيو پيو وڃي؟خورشيد شاهه چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ اسان جون تجويزون شامل ٿيڻ گهرجن ها. بجيٽ ۾ عوام اسان کان پڇندي ته ڇا ڪري ڇڏيو؟ ڇا اسان عوام کي اهو ٻڌائينداسين ته اسان کي ته ٻڌايو ئي نه ويو آهي.پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سياسي طور تي پيپلز پارٽي کي ڏسڻو پوندو ته بجيٽ تي ڪهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي؟

پهنجو تبصرو موڪليو