حڪومت انتهائي خطرناڪ بل آڻي رهي آهي: اسد قيصر

حڪومت انتهائي خطرناڪ بل آڻي رهي آهي: اسد قيصر

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته حڪومت اهڙو بل آڻي رهي آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻو پوندو، هي بل انتهائي خطرناڪ آهي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته هو ضمانت لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ آيو آهي، اڄ اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت جي ڪوشش ڪندس.اسد قيصر جو چوڻ آهي ته حڪومت هڪ شخص جي فائدي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته ڪنهن وٽ طاقت آهي جو نقاب پوش ماڻهو پارليامينٽ ۾ داخل ٿين ۽ ميمبرن کي لفٽ ڪن؟ اهو جمهوريت ۾ ڪم نٿو ڪري.هن چيو ته علي امين گنڊاپور صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي، هو 4 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪري ٿو، وزيراعليٰ جي حيثيت سان اجلاس لاءِ ويو هو.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته وڏو وزير عوام سان ملاقات ڪري سرحد ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت آگاهه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو