حڪومتي ۽ آءِ ايم ايف حدف کان 100 ارب وڌيڪ ليوي وصول

حڪومتي ۽ آءِ ايم ايف حدف کان 100 ارب وڌيڪ ليوي وصول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): ملڪ ۾ پيٽروليم ليويءَ جي وصولي مالي سال 26-2025ع دوران تاريخي حد تائين پهچندي ريڪارڊ 1567 ارب 45 ڪروڙ روپين تائين پهچي وئي آهي، جيڪا حڪومتي مقرر ڪيل حدف ۽ آءِ ايم ايف جي تخميني کان به ڪافي وڌيڪ آهي.ذريعن موجب مالي سال 26-2025ع لاءِ حڪومت پيٽروليم ليويءَ جو حدف 1468 ارب روپيا مقرر ڪيو هو، جڏهن ته آءِ ايم ايف ان جو تخمينو 1546 ارب روپيا لگايو هو. پر حقيقي وصولي حڪومتي حدف کان تقريبن 100 ارب روپيا وڌيڪ رهي. ان کان علاوه ڪلائميٽ سپورٽ ليويءَ جي مٽ ۾ 50 ارب 16 ڪروڙ روپيا الڳ وسول ڪيا ويا آهن.رپورٽن موجب پيٽروليم ليوي وصولي مالي سال 25-2024ع ۾ 1220 ارب 21 ڪروڙ روپيا ۽ مالي سال 24-2023ع ۾ 1019 ارب روپيا هئي. هن وقت پيٽرول تي 80 روپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي ۽ ڊيزل تي 77 روپيا 28 پئسا ليوي سان گڏ 5، 5 روپيا في ليٽر ڪلائميٽ سپورٽ ليوي به وصول ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو