حڪومتون صرف عوام جي مرضي سان بڻجنديون، مولانا فضل الرحمان

حڪومتون صرف عوام جي مرضي سان بڻجنديون، مولانا فضل الرحمان

مظفرڳڙهه (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومتون بڻجنديون ته صرف عوام جي مرضي سان بڻجنديون.مظفرڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجن کي رد ڪريون ٿا هن چيو ته حڪومتون صرف عوام جي مرضي موجب بڻجن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته عوام جي حق سان مذاق ڪندا رهو، اهو نٿو ٿي سگهي ته ٽنگ مٿان ٽنگ رکي چوندا رهو ته عوام جي ڪهڙي حيثيت آهي.جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته بغاوت اهي ادارا ڪري رهيا آهن جيڪي آئين ٽوڙيندا آهن. توهان جو پاڪستان جي قيام ۾ ڪوبه ڪردار ناهي پر ٽوڙڻ ۾ توهان جو ڪردار آهي. جيڪڏهن اسان کي گرفتار ٿيڻو پيو ته گرفتاريون ڏينداسين ۽ جيڪڏهن قبر ۾ وڃڻو پيو ته ان جي لاءِ به تيار آهيون. اوهان 35 لک ٽن خراب ڪڻڪ ڇو گهرائي اوهان ڪنهن سان سودو ڪيو؟ مولانا فضل الرحمان چيو ته بغاوت اسان نه ڪري رهيا آهيون بغاوت اهي ادارا ڪري رهيا آهن جيڪي آئين ٽوڙيندا آهن، جرنلن آئين سان راند ڪئي، اسان ادارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان پنهنجا حق خيرات گهري نه پر جنگ وڙهي وٺنداسين. اوهان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪيو پر دهشتگردي وڌندي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو