حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين جي سزا عوام ڀوڳي ٿو

حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين جي سزا عوام ڀوڳي ٿو

حيدرآباد (ن س )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين ۽ آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ھلڻ جي سزا ملڪ جو عوام ڀوڳي ٿو. ملڪ کي ٻارھين ڊڪٽيشن تي بدران آزاد ۽ خودمختيار پاليسن تحت ھلايو وڃي پاڪستان کان گھٽ وسيلن وارا ملڪ بہ بھتر معاشي پاليسين جي ڪري ترقي ڪري رھيا آھن، اسان وٽ قدرتي نعمتن باوجود ڪروڙين عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آھي۔ چند ماڻھن کي دولتمند بنائڻ لاء ڪروڙين عوام کي غربت جي حوالي ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھي وقت گھر ويٺي تنقيدون ۽ تبصرا ڪرڻ ۽ تصوراتي مشورا ڏيڻ جو نہ پر ھر قومي درد رکندڙ، مرد توڙي عورت جي نشانبر ٿي، اعتماد ۽ جرئت سان اڳتي اچڻ جو آھي، ٻي صورت ۾ پنھنجو، پنھنجي بقا، وسيلن ۽ وجود جو قومي گھيرو وڌيڪ تنگ ۽ خطرناڪ ٿيندو ۽ اڳتي ھلي وڏو ۽ تاريخي نقصان ٿي سگھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي درپيش خطرن کي منھن ڏيڻ جو اھم ترين طريقو اھو آھي تہ سمورين رڪاوٽن ۽ مجبورين جي گھيري کي ٽوڙي، ھيٺين وچولي طبقي، پورھيت طبقي، مڊل ڪلاس، آبادگارن، واپارين، ريٽائرڊ ملازمن، پروفيشنلز، شاگردن ۽ نوجوانن مان دلير، باصلاحيت، ايماندار ۽ مستقل مزاج فرد اڳتي اچي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جي خواب کي ساڀيا ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو