حيدرآباد ۾ اين ٽي ڊي سي گرڊ اسٽيشن کي باهه، بجلي بند

حيدرآباد ۾ اين ٽي ڊي سي گرڊ اسٽيشن کي باهه، بجلي بند

حيدرآباد(رپورٽر)حيدرآباد ۾ نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) جي گرڊ اسٽيشن جي پاور ٽرانسفارمر ۾ لڳل باهه 4 ڪلاڪن کانپوءِ قابو ٿي وئي. گرڊ اسٽيشن ۾ باهه لڳڻ سبب حيدر آباد، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، ٽنڊوڄام، مٽياري ۽ هالا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن سبب شهري پريشان آهن.بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب حيدرآباد شهر ۾ نيڪال جو ڪم پڻ سخت متاثر ٿيو آهي.ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته گرڊ اسٽيشن جو پاور ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳندا، ان وقت تائين متبادل ذريعن ذريعي بجلي فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو