حيدرآباد مان گم ٿيل ڇوڪري ڪراچي مان هٿ

حيدرآباد مان گم ٿيل ڇوڪري ڪراچي مان هٿ

حيدرآباد(ن سنڌيار) حيدرآباد مان گم ٿي ويل ڇوڪري صبا کي پوليس ڪراچي مان هٿ ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي عبدالسلام شيخ وومين ٿاڻي اينڊ چائلڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته 26 نومبر تي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان گم ٿي ويل ڇوڪري صبا کي ڪراچي جي علائقي لياري مان بازياب ڪرايو ويو آهي.ايس ايس پي عبدالسلام شيخ ٻڌايو ته صبا کي اغويٰ نه ڪيو ويو هو پر هوءَ پنهنجي مرضي سان منصور نالي نوجوان سان ڪراچي هلي وئي هئي، صبا ۽ منصور جي دوستي چيٽ ايپليڪيشن تي ٿي هئي.هن وڌيڪ چيو ته صبا ٻڌايو آهي ته جڏهن کيس اها خبر پئي ته منصور جا اراده ڪجهه ٻيا آهن ته هوءَ ان وٽان فرار ٿي وئي ۽ 40 سالن جي اسماعيل جي گهر ۾ پناهه ورتي ۽ ان سان شادي ڪري ڇڏي، اسماعيل پهريان کان ئي شادي شده آهي پر صبا جو چوڻ آهي ته ان شادي ۾ مڙس جي پهرين زال جي رضامندي به شامل آهي.ايس ايس پي عبدالسلام شيخ وڌيڪ ٻڌايو ته صبا جو عدالت ۾ بيان ريڪارڊ ڪرايو ويندو، عدالت هن جي حوالي سان جيڪو حڪم ڪيو ان تي پوليس عمل ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو