حيدرآباد(ن س )حيدرآباد ۾ خسرا مهم دوران مبينا طور تي ويڪسين نه ٿيڻ سبب هڪ ڇوڪري فوت ٿي وئي.نينگري جي گهرڀاتين جو چوڻ هو ته 18 آگسٽ تي ماه نور کي خسرو جي ويڪسين لڳائي وئي هئي.وارثن جو چوڻ هو ته ڇوڪري بخار ۾ مبتلا هئي، حالت خراب ٿيڻ تي کيس ڀٽائي اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي هوءَ فوت ٿي وئي.معاملي جي جاچ لاءِ ڊي ايڇ او جي حڪم تي ايم ايس شاهه ڀٽائي جي سربراهي ۾ 4 رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
