ملتان (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته امام حسين جي قرباني پنهنجي نانا جي دين جي بقا لاءِ آهي.ملتان ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته سويڊن جو واقعو دل ڏاريندڙ آهي جنهن تي او آءِ سي آواز اٿاريو آهي.هن چيو آهي ته اسان کي سويڊن ۾ ٿيل واقعي تي گڏجي هڪ پلان آف ايڪشن ٺاهڻو پوندو.شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڊنمارڪ ۽ سويڊن واقعن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.هن اهو به چيو آهي ته حق ۽ انصاف جي جنگ جاري رهندي، الله پاڪ اسان جي ملڪ کي امن جو گہوارو بڻائي.
