فيض گنج(ن س) ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حڪيم علي نواز شر ۾ نوابشاهه سانگهڙ دوڙ ٻانڌي شاهه پور چاڪر سميت 10 ٿاڻن جي پوليس وڪيل نديم شر جي گهر تي چڙهائي ڪري پوليس گهرن ۾ داخل ٿي ڳوٺاڻن مردن عورتون ۽ معصوم ٻارن تي تشدد شروع ڪري ڏنو جنهن دوران3 ڳوٺاڻا علي مراد، مبشر شر حاخظ نعيم شر زخمي ٿي پيا جڏهن ته جهيڙو ٿيڻ بعد ڳوٺاڻن ايس ايڇ او ٻانڌي احمد علي هاليپوٽو سميت 5 پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ بعد سرڪاري هٿيار ۽ سامان ڦر ڪري ورتو بعد ۾َ ٻن ڪلاڪن کانپوء ڪوٽ لالو پوليس پهچي ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري يرغمال ٿيل ايس ايڇ او پوليس اهلڪارن کي آزاد ڪرائي ڦر ڪيل هٿيار پوليس کي واپس ڪيا. هوڏانهن سانگھڙ جي منگالي ٿاڻي جي اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ساريو جي فرياد تي ڪوٽ لالو ٿاڻي تي سرڪار پاران38 ماڻهن خلاف زوري جوابدار ڇڏائڻ، ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ سرڪاري ھٿيار ڦر ڪرڻ جي قلمن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ عبدالخالق شر، سڪندر علي شر، ڪريم بخش شر۽ نجم الحق شر سميت 8معلوم ۽ 30 نامعلوم ماڻهو شامل آهن.

ان سلسلي ۾ زخمي ٿيل ايس ايڇ او احمد علي هاليپوٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سانگهڙ مان ٽر يڪٽر ڦر ٿيل آهي ان ٽريڪٽر جي ڏوهه ۾ ملوث ڏوهارين جي اطلاع تي ڳوٺ تي ڇاپو هنيو ته ڳوٺاڻن پوليس تي تشدد ڪري يرغمال بڻائي سرڪاري هٿيارن شناختي ڪارڊ سروس ڪارڊن پئسن سميت سمورو سامان ڦر ڪيو پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار به ڳوٺاڻن پوليس کان زبردستي ڇڏائي ورتا آهن ان سلسلي ۾ وڪيل نديم شر جي اڳواڻي ۾َ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پوليس ڪوٽ لالو ٿاڻي تي بنا انٽري ڪرائڻ جي منهنجي گهر تي ڪاهه ڪئي آهي پوليس مردن عورتن معصوم ٻارن تي تشدد ڪيو آهي جهيڙو ٿيڻ بعد پوليس اهلڪارن پاڻ کي ڌڪ پاڻ هنيا آهن اسان تي الزام لڳايو پيو وڃي. هن چيوته پوليس اعتراف ڪري چڪي آهي اسان غلطي سان چڙهائي ڪئي آهي هنن مطالبو ڪيو ته پوليس خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪرايو وڃي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڪوٽ لالو پيار علي جتوئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته حد اسان جي آهي ۽ اسان کي ڪو به اطلاع نه ڪيو ويو هو ٽن ضلعن جي پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي آهي ڳوٺاڻن هٿان يرغمال ٿيل ايس ايڇ او سميت پوليس اهلڪارن کي آزاد ڪرايو آهي.










