حج خواهشمند سعودي جي ڏنل هدايتن موجب تياري ڪن،نورالحق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو آهي ته هلندڙ سال حج جا خواهشمند سعودي پاران ڏنل هدايتن موجب پنهنجي تياري کي جاري رکن.مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو ته سعودي حڪومت ڪورونا احتياطي تدابير جي تحت حج 2021 جي لاءِ 60 هزار حج پانڌيئڙن جو انگ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. 15 هزار حاجي لوڪل، جڏهن ته 45 هزار  حاجي ٻين ملڪن مان حج جي سعادت حاصل ڪندا. اميد آهي ته 45 هزار مان پاڪستاني حاجين کي به ڪوٽا ملندي. ان ڪري حج 2021 جا خواهشمند حاجي سڳورا ملندڙ هدايتن  موجب پنهنجي تياري جاري رکن.نورالحق قادري چيو ته سعودي حڪومت اعلان سان گڏ 9 صفحن تي ٻڌل احتياطي تدبيرون ۽ شرط جاري ڪيا آهن جنهن موجب عمر جي حد 10 کان 90 سال ۽ گهربل جسماني صحت جو سرٽيفڪيٽ لازمي هوندو. جڏهن ته ڪورونا ويڪسين سرٽيفڪيٽ ۽ پي سي آر جو نيگنوٽيسٽ به لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه پاڪستان سعودي حڪومت کان چيني ويڪسين کي قبول ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو