اپوزيشن تحريڪ، حافظ سان اچڪزئي ۽ قيصر جي ملاقات

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان محمود اچڪزئي ۽ اسد قيصر جي اڳواڻي ۾ اپوزيشن وفد ملاقات ڪئي ۽ کيس حڪومت جي خلاف احتجاجي تحريڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني. تحفظ آئين جو صدر محمود خان اچڪزئي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر جي اڳواڻي ۾ وفد منصوره پهچي ويو، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان وفد جو استقبال ڪيو.اپوزيشن اڳواڻن ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي، محمود خان اچڪزئي طرفان جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان کي اتحاجي تحريڪ ۾ شموليت جي باقاعده ڏني وئي.محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان ملڪ ۾ آئين جي بالادستي جي لاءِ تحريڪ هلائي رهيا آهيون، اسان جو مقصد صرف چهرن جي تبديلي نه آهي. ملاقات کان پوءِ محمود خان اچڪزئي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جهڙي قسم جون چونڊون ٿيون ان سان ملڪ جي بدنامي ٿي، آئين جي بالادستي لاءِ آيا آهيون ان جي ڀڃڪڙي قبول نه ڪنداسين.اسد قيصر چيو ته اها تحريڪ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي لاءِ آهي. اقتدار جي لاءِ نه آهي، جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون انهي ۾ جماعت اسلامي جو امير پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو، اميد آهي ته آئين ۽ قانون جي بحالي لاءِ جماعت اسلامي ساٿ ڏيندي، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي، آزاد ملڪ اهڙي طرح نٿا هلائي سگهجن. انساني حق پامال ۽ ناجائز ڪيس تيار ٿي رهيا آهن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته بدقسمتي سان آئين هر ڀيري پامال ٿيندو رهيو آهي، اسان کي آئين جي بالادستي تي گڏ ٿيڻو پوندو. ان کان سواءِ ڪوبه حل نه آهي. آرمي چيف، عدليه ۽ سمورن ادارن کي آئين جي تحت هلڻو پوندو. گريٽر ڊائيلاگ جي شروعات ٿيندي جنهن جي شروعات فارم 45 کان ٿيندي، فارم 47 مان ايندڙ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو