حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جو امير چونڊجي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو ايندڙ 5 سالن لاءِ مرڪزي امير چونڊجي ويو. حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو ڇهون امير چونڊيو ويو آهي، هو اپريل 2029 تائين ان عهدي تي رهندو. نئين امير جي چونڊ لاءِ جماعت اسلامي جي 45 هزار ميمبرن يعني 82  سيڪڙو ميمبرن ووٽ وڌو. 7 نومبر 1970 تي حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ حافظ نعيم الرحمان 80جا وڏا هندوستان جي شهر عليڳڙهه مان پاڪستان ٺهڻ وقت لڏي آيا هئا. هن اين اي ڊي يونيورسٽي مان انجنيئرنگ جي ڊگرس سان گڏوگڏ ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. واضح رهي ته نئين امير جي چونڊ لاءِ جماعت اسلامي جي چونڊ ڪميشن ميمبرن جي رهنمائي لاءِ ٽن نالن جو اعلان ڪيو هو، جن ۾ سراج الحق، لياقت بلوچ ۽ حافظ نعيم شامل هئا. جماعت اسلامي جي ترجمان موجب دستور موجب هر سطح تي باقاعدگي سان چونڊون ٿينديون آهن، جماعت اسلامي پاڪستان جي امير جي چونڊ هر 5 سالن کانپوءِ ٿيندي آهي، سراج الحق ٻه ڀيرا يعني 10 سال پنهنجو مدو 8 اپريل تي پورو ڪري رهيو آهي. جماعت اسلامي جو باني امير مولانا مودودي (1941-1972)، ميان طفيل محمد (1972-1987)، قاضي حسين احمد (1987-2008)، منور حسن (2008-2013) ۽ سراج الحق (2013-2024) تائين امير رهيا. سراج الحق 8 فيبروري جي عام چونڊن ۾ عبرتناڪ شڪست کانپوءِ پارٽي جي سربراهه طور استعيفا ڏني هئي سندس چوڻ هو ته هن بيپناهه محنت ڪئي پر پارٽي کي ڪاميابي نه ملي سگهي ۽ هو ناڪامي جو اعتراف ڪري ٿو. ياد رهي ته جماعت اسلامي سڄي ملڪ ۾ قومي اسيمبليءَ لاءِ 243 اميدوار بيهاريا هئا پر هڪ به سيٽ نه کٽي سگهيا. جماعت اسلامي چئني صوبائي اسمبلين لاءِ 531 اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون پر رڳو 6 ميمبرڪامياب ٿيا، ڪي پي ڪي ۾ 3، سنڌ ۾ 2 ۽ بلوچستان ۾ هڪ ميمبر چونڊجي سگهيا. حافظ نعيم جماعت جو متحرڪ اڳواڻ رهيو آهي جيڪو شاگرد تنظيم جي سربراهي کان جماعت جي مرڪزي سربراهه جي عهدي تي پهتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو