جکراڻي خلاف ريفرنس داخل، ضمانت ۾ واڌ جي منظوري

جکراڻي خلاف ريفرنس داخل، ضمانت ۾ واڌ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير جي جيلن بابت صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت نيب جاچ مڪمل ڪري ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي. نيب پاران اهڙي ڄاڻ سنڌ هاء ڪورٽ ۾ اعجاز جکراڻي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي جي موقعي تي ڏني. ان موقعي تي نيب اعجاز جکراڻي ۽ ٻين خلاف داخل ڪيل ريفرنس جي ڪاپي پڻ پيش ڪئي.  نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته اعجاز جکراڻي ۽ ٻين تي 73 ڪروڙ 62 لک 83 هزار کان وڌيڪ جا اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. ڄاڻايل ريفرنس ۾ اعجاز جکراڻي سميت 5 جوابدار نامزد ٿيل آهن. اعجاز جکراڻي 2001ع کان عوامي عهدو رکندو پيو اچي. اعجاز جکراڻي وٽ اسلام آباد ۾ فليٽ ۽ بلٽ پروف گاڏي آهي. نيب موجب اعجاز جکراڻي ڪراچي، جيڪب آباد ۾ گهر ۽ ڪيترين ئي زمينن جو مالڪ آهي. نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اعجاز جکراڻي جي آمدني ۽ اثاثا هڪجهڙائي نٿا رکن ۽ ڄاڻايل جوابدار مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آهن جنهن بعد عدالت اعجاز جکراڻي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو