ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ت 5 نومبر تي نوابشاھ م جي ڊي اي جي ضلعي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو،جنھن م ايندڙ عام چونڊن ء عوامي رابطه جي سلسلي م اھم فيصلا ڪيا ويندا،فنڪشنل ليگ سميت جي ڊي اي م شامل سياسي جماعتون چونڊ مھم تيز ڪن ء گھر گھر وڃي جي ڊي اي جو پيغام متحد سنڌ مظبوط پاڪستان پھچائن ،پنھنجي جاري بيان م سردار عبدالرحيم چيو ت پيپلز پارٽي جي پندرهن سالن جي ڪارڪردگي عوام سامھون آھي،ھر طرف بک ء بدحالي آھي،ماڻھن بکن سبب معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪري رھيا آھن ،سنڌ جي عوام پنھنجي اولاد جي بھتر مستقبل سنوارڻ لاء آزمايلن کي آزمائڻ بجاء جي ڊي اي جي بي لوث ء ڪرپشن کان پاڪ قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪن،عوام 2024 جي عام چونڊن م جي ڊي اي جي چونڊ نشان تاري تي ٽپو ھڻي جي ڊي اي کي ڪامياب ڪري،ھن وڌيڪ چيو ت جي ڊي اي ضلعي رابطه ڪميٽي نوابشاھ م اجلاس ڪندي چونڊ مھم جي شروعات ڪندي جڏھن ت سنڌ جي ٻين ضلعن م پروگرامن جو اعلان جلد ڪيو ويندو،اجلاس م جي ڊي اي جي مرڪزي قيادت شرڪت ڪندي .
