جي ڊي اي جا ايم پي ايز پي پي ۾ شامل ٿيندا، نويد ڏيرو

ورڪشاپ (ن س) پيپلزپارٽي جي ايم پي اي نويد احمد ڏيري پاران ورڪشاپ جي مختلف يوسين يوسي صدر، يوسي شاھ سڪندر جو دورو ڪرڻ بعد چڪ نمبر 18 ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ رانجھو خان بھڻ جي ڀاءَ جي تعزيت پڻ ڪئي.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي نويد ڏيري چيو ته پيپلزپارٽي کي جرنل ضياءَ جھڙا آمر ڪجھ نه ڪري سگھيا ته عمران خان ڇا ڪندو. جي ڊي اي جي ميمبرن جي سوالن تي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته جي ڊي اي جون دعائون ابتڙ ٿي جي ڊي اي وارن کي ئي لڳنديون انشاءَالله جي اڊي اي جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز به پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪندا. صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سانگھڙ ۾ تمام گھڻا ترقياتي ڪم ڪيا آھن يوسين کي به سھولتون ڏنيون آھن اسان هميشهه عوام سان گڏ رهنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو