جي يو آءِ وارن جي گرفتاري شروع، بينر هڻندي 2 مولوي گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جميعت علما اسلام (ف) جي 31 آڪٽوبر واري آزادي مارچ کي روڪڻ لاءِ گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويو آحي ۽ شمس ڪالوني مان پوليس ٻن اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. مولانا شفيق الرحمان ۽ مولانا محمد ارشاد کي قلم 144 جي خلاف ورزي ڪرڻ تي پوليس گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هو آزادي مارچ لاءِ بينر هڻي رهيا هئا ۽ ماڻهن کي حڪومت خلاد اڪسائي رهيا هئا. پوليس موجب هنن سان گڏ ٻيا ڪارڪن به هئا جيڪي پوليس کي ڏسي ڀڄي ويا ۽ هنن ٻنهي کي پڪڙيو ويو آهي. ياد رهي ته حڪومت اڳ ۾ ئي فيصلو ڪيو هو ته جيڪڏهن ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪتو ته مولانا فضل الرحمان سميت جي يوآءِ جي قيادت کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن لانڍي ڪراچي مان نجيو نيوز موجب پي ٽي اءِ ڪارڪن ڪاشف نظامي جي مدعيت ۾ ٽن جي يو آءِ ڪارڪنن صابر اشرفي، حنيف ۽ سليم خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي ته هو ڌرڻي لاءِ کائنس 50 هزار چندو گهرن پيا ۽ نه ڏيڻ تي کيس ڌمڪيون ڏنيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو