اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو آهي ته جي يو آءِ مخالف ڌر جو حصو آهي ۽ رهندي.اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات دير سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ سياسي معاملن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.محمد علي دراني مولانا فضل الرحمان کي پنهنجي سياسي رابطن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ مخالف ڌر جو حصو آهي ۽ رهندي، حڪومت آئين ۽ جمهوريت سان ٽڪراءَ واري قانون سازي ۾ ڪنهن به مخالف ڌر جو سهارو نه وٺندي.هن چيو ته حڪومت جو وجود ۽ ان جا عمل عوام جي مفادن سان ٽڪراءَ ۾ آهن، اهڙي حڪومت سان گڏ هلڻ عوام جي ڪاوڙ کي دعوت ڏيڻ برابر آهي، اسان رڳو عوام جو ڏنل اختيار چاهيون ٿا.هن چيو ته هو عوام جي ڏنل طاقت چاهين ٿا پر مستقبل ۾ ڪنهن کي مينڊيٽ چوري ڪرڻ نه ڏينداسين.مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائيندي محمد علي دراني چيو ته هو تاريخ جي صحيح رخ ۾ بيٺو آهي، هو هميشه سياسي روايتن ۽ جمهوري قدرن جو وفادار رهيو آهي.










