ملير(رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سنڌ امن مارچ ڪراچي جي حدن ۾ گهگهر ڦاٽڪ پهچي ويو آهي،جي يو آءِ (ف) جي سيڪريٽري جنرل سنڌ راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ پهتل مارچ جي قافلي جي گهگهر ڦاٽڪ وٽ آجيان ڪري گل نڇاور ڪيا ويا،مارچ قافلو قومي شاهراهه کان ٿيندو شاهراهه قائدين پهچندو، جتي جلسي کي خطاب ڪيو ويندو
