جيڪي ماڻهو اچن پيا انهن وٽ هٿيار آهن،اجازت نٿا ڏئي سگهون

جيڪي ماڻهو اچن پيا انهن وٽ هٿيار آهن،اجازت نٿا ڏئي سگهون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊي چوڪ تي پي ٽي آءِ جلسي جي حوالي سان هڪ دفعو ٻيهر خبردار ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي انهي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، وڊيوز ۾ ڏسي سگهو ٿا ته احتجاج ۾ شرڪت لاءِ ايندڙن وٽ هٿيار آهن، اسان جي جيتري به فورس آهي انهن مان ڪنهن وٽ به هٿيار نه آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملو ٿي رهيو آهي، گنڊاپور کي سوچڻ گهرجي هو ڇا ۽ ڇو ڪري رهيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته احتجاج ڪرڻ وارا ٻيهر غور ڪن، جلسا جلوس هر پاڪستاني جو حق آهي، پر هي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن اهو طريقيڪار غلط آهي، رستن جي بندش سبب شهرين کان معذرت خواهه آهيون، ٻاهر کان آيل مهمانن جي سيڪيورٽي اهم آهي.هن چيو ته اسان ڪالهه به درخواست ڪئي هئي ته هن وقت جلسا ۽ احتجاج نه ڪريو، جلسا جلوس هر پاڪستان جو حق آهي پر هي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن اهو طريقيڪار غلط آهي، اسلام آباد پوليس ۽ انتظاميه پنهنجو ڪم پورو ڪندي، اسان انهي شيءَ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، سموري صورتحال اوهان جي سامهون آهي.هن چيو ته مهمانن کي يقين ڏياريان ٿو ته اوهان محفوظ ملڪ ۾ آيا آهيو، جيڪي به ماڻهو احتجاج جو سوچي رهيا آهن اهي هڪ دفعو ٻيهر سوچين، ايس پي کان علاوه هتي هڪ به پوليس اهلڪار وٽ هٿيار نه آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته اسان اڳ ئي درخواست ڪئي هئي ته هن وقت جلسا ۽ جلوس نه ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو