جيڪو به ووٽ ڏيکاريندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪمشنر پنجاب اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته جيڪو به ووٽ ڪاسٽ ڪندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اميد آهي ته پولنگ جو عمل پرامن ماحول ۾ جاري رهندو.اليڪشن ڪمشنر پنجاب چيو ته اسان وٽ 356 ووٽر آهن، سڀني کي وقت تي پهچڻ جو چيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ووٽنگ دوران موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو