جيل ڀريو تحريڪ معطل،چونڊن جي تياري جو اعلان

جيل ڀريو تحريڪ معطل،چونڊن جي تياري جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جيل ڀريو تحريڪ ملتوي ڪري چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته آئين جي بالادستي سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي، سپريم ڪورٽ پنهنجو ڪردار بهادري سان ادا ڪيو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو اڄوڪو فيصلو پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني جو ثبوت آهي.عمران خان جيل ڀريو تحريڪ کي معطل ڪرڻ ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو