جيل اندر ڪا به زيادتي ناهي ٿي:صنم جاويد

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي عورت اڳواڻن کي، جن کي 9 مئي کانپوءِ حراست ۾ ورتو ويوهو، اڄ انهن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جيل ۾ تشدد جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ صنم جاويد چيو ته جيل اندر ڪا به زيادتي نه ٿي آهي، اسان کي جيل ۾ رکڻ ئي وڏي زيادتي آهي ڇو ته اسان ڪجهه ڪيو ئي ناهي ته اسان کي جيل ۾ رکڻ ئي نه گهرجي ها ان موقعي تي عاليه حمزه چيو ته اڌ رات جو گهرن مان گهلي آڻڻ کان وڏي عورتن جي ٻي ڪهڙي تذليل ٿيندي طيبه راجا چيو ته توهان کي سوشل ميڊيا جي اڪائونٽس مان مسئلو آهي ته سوشل ميڊيا جا ڪيس داخل ڪيو، ائين سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ ته درست نه آهي

پهنجو تبصرو موڪليو