لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ادارا جيستائين پنهنجي ناڪامي کي نه مڃيندا ان وقت تائين بهتري نٿي اچي سگهي.حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جي ملڪ گير ميمبر سازي مهم جي شروعات جي موقعي تي منصوره لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جيڪي حالتون آهن اهي پارليامينٽ، اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ ملٽري جي ناڪامي آهي، ادارا جيستائين پنهنجي ناڪامي کي نه مڃيندا انهي وقت تائين بهتري نٿي اچي سگهي.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته آءِ پي پيز جو ٽيڪس معاف ڪيل آهي، غريب ماڻهو ٽيڪس ڏيندو آهي، جيڪو آءِ ايم ايف جي غلامي ۾ ويو اهو ڪڏهن به مضبوط نه ٿي سگهندو. آءِ پي پيز کي انڪم ٽيڪس ۾ 13 سئو ارب جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، جماعت اسلامي فرشتو نه آهي، غلطيون ۽ ڪوتاهيون ڪري سگهي ٿي پر اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.هن چيو ته هلندڙ مهيني 50 لک ماڻهن کي جماعت اسلامي جو ميمبر بنائينداسين، جماعت اسلامي اها پارٽي آهي جيڪا سمورن ماڻهن کي گڏ کڻي هلي سگهي ٿي، پاڪستان انشاءِالله قائم رهندو ۽ جماعت اسلامي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، هن چيو ته ميڊيا مالڪن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي پنهنجي ڪارڪنن کي جيڪي هر قسم جي حالتن ۾ ڪم ڪندا آهن انهن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن.
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف
عوامي ميڙاڪن تي پابندي وارو قانون قومي اسمبلي مان به منظور
گاڏين جي خريداري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم
وفاقي حڪومت جو 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان
ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي
ڏهرڪي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ