راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد نذير ۽ لانس نائيڪ محمد انور جي جنازي نماز بنون ۾ ادا ڪئي وئي.لانس نائيڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي نماز پڻ ادا ڪئي وئي.بعد ۾ ڪيپٽن الياس فراز جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ چونيان آندو ويو جتي وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزيرن، فوجي عملدارن، ڪور ڪمانڊر پشاور، حاضر سروس آفيسرن، جوانن ۽ عوام جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.وزيراعظم شهيدن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد ڪيپٽن فراز الياس جي جنازي ڪلهو پڻ ڏنو . شهباز شريف ڪيپٽن فراز الياس شهيد جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته الله تعاليٰ ڪنهن کي به شهادت ڏئي ٿو، ڪيپٽن فراز جو رت رائيگاں نه ويندو، قرآن گواهي ڏئي ٿو ته شهيد زنده آهن، پاڪستان جي دشمنن کي مڪمل ختم ڪري ڇڏيندا.وزيراعظم ڪيپٽن فراز الياس جي ڳوٺ جو نالو شهيد جي نالي تي رکڻ جو به اعلان ڪيو.










