ڪشمور (جي ايم کوسو ) پوليس هڪ جوابدار فيضو ٻرڙو کي مقابلي بعد زخمي حالت م گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ڪشمور کان ڪچي طرف ويندڙ کروڙ روڊ سنڌ پنجاب جي دنگ تي پوليس ناڪا بندي ڪندي ھڪ گاڏي کي بيھارڻ جو اشارو ڪيو جنھن تي ڪار سوارن پوليس مٿان فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس جوابي فائرنگ ڪندي سندن پيڇو ڪري هڪ جوابدار فيضو ٻرڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا. زخمي کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او ضياد نوناري جو چوڻ آھي ته جوابدار عادي ڏوهاري آهي جوابدار جي مائٽن جو چوڻ آهي ته کيس ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ڳري رشوت نه ڏيڻ تان کيس هاف فراءِ ڪيو ويو آهي.










