لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته جنهن ماڻهو کي رد ڪيو ويو هو اسيمبلي ۾ ويٺو آهي، سندس ضمير ملامت به نه ٿو ڪرين،لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته ملڪ جي آئين سان کيڏيو پيو وڃي، عدالتن تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي، وڪيلن کي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو بدترين دور آهي، عوام جي مينڊيٽ تي ڦرلٽ ڪئي وئي آهي، توهان ماڻهن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا رڍن ۽ ٻڪرين وانگر زندگي گذارڻي آهي.اسد قيصر جو چوڻ آهي ته هي عملي طور پوليس اسٽيٽ آهي، هي ملڪ اهڙي طرح نه هلندو، تحريڪ انصاف محبتن جي پارٽي آهي، ان ظلم ۽ جبر خلاف آواز اٿارينداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته باني پي ٽي آءِ ۽ سندس ساٿين کي آزاد ڪيو وڃي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته 9 مئي تي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته سمورن ادارن کي آئين جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ملڪ ۾ جنگل جو قانون آهي.










