جنسي ڏاڍ جي شڪار ٿيل نينگر جو احتجاج، انصاف جي اپيل

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) موچي پاڙي جو رھواسي نينگر سائين بخش پنھنجي چاچي نبي بخش شيخ سان گڏجي پريس ڪلب غوثپور ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته مان سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندوآھيان. ٻه ڏينھن اڳ ساٿي مزدورن گڏو، جاويد ۽ ظھير شيخ مونکي زبردستي موٽر سائيڪل تي کڻي ظهير شيخ جي اوطاق تي نيو ويو جتي ٽن ڄڻن سخت تشدد ڪري  نشي واري چانھ زبردستي پياري پوري رات  مون سان  جنسي ڏاڍائي ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون ته فريادي ٿيندين ته ڏکيو ٿيندين. مان ھڪ غريب پورھيت آھيان، پوليس وٽ اين سي درج ڪرائي آھي پر جوبدارن کي با اثر ماڻهن جي پٺ ڀرائي هجڻ سبب پوليس جا روز دلاسا ملن ٿا پر ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه آئي آھي. ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ سيد اسد رضا شاھ کان مطالبو ڪريون ته جوبدارن کي گرفتار ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين عبرتناڪ سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو