جنرل باجوا عدالت وڃي ٻڌائي ته پي ٽي آءِ باني کي ڪيئن آندو ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته هي ڏاڍو سٺو موقعو آهي ته جنرل باجوا عدالت ۾ وڃي ٻڌائي ته عمران خان کي ڪيئن آندو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو هڪ شخص چئي ٿو ته سائفر ڪيس ۾ جنرل (ر) باجوا ۽ آمريڪي نمائندي کي گهرائيندس، مان سمجهان ٿو ته اهو تمام سٺو موقعو آهي ته جنرل باجوا عدالت وڃي. هن چيو جنرل باجوا عدالت وڃي ٻڌائي ته پي ٽي آءِ باني کي ڪيئن آندو ويو، هو قوم کي ٻڌائي ته ڪيئن مانيٽرنگ جج ويهاري نواز شريف کي سزا ڏياري وئي، جنرل باجوا علدات کي سچ ٻڌائي ته جيئن عمران خان جي اصليت قوم سامهون اچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو