جنرل باجوا سان سخت بدسلوڪي جي ويڊيو وائرل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽوئٽر تي اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا جي پنهنجي گهرواري سان گڏ هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي. جنهن ۾ بظاهر هڪ افغان شهري کيس ڪچيون گاريون ڏيندي بد شد ڳالهائي رهيو آهي. ڄاڻايو ويو آهي ته باجوا فرانس جي ڪنهن شهر ۾ هو ته اهو واقعو پيش آيو. افغان شهري کيس چوي ٿو توهان افغانستان ۾ جهاد جي نالي تي تباهي ڪئي. ويديو پيغام جو گهڻو حصو پشتو زبان ۾ آهن. سوشل ميڊيا ته ان ويڊيو بابت مليل جليل تبصرا هلي رهيا آهن. ڪجهه ماڻهو جتي ان کي ساراهي رهيا آهن ته ڪجهه ماڻو تنقيد ڪري رهيا آهن ته اها پشتون روايتن جي خلاف ورزي آهي. هڪ موقعي تي جنرل باجوا چوي ٿو ته مان اهو جنرل ناهيان جيڪو تون سمجهين ٿو. هو پوليس گهرائڻ جي ڌمڪي به ڏي ٿو پر افغان شهري کيس چوي ٿو ته گهرايو پوليس کي ۾ بيٺو آهيان. هڪ موقعي تي افغاني چوي ٿو ته پنهنجي پويان پوليس نه هجي ها ته هنکي اهڙو ڪٽڪو ڏيان ها جو ياد رکي ها. ڪجهه ماڻهو جنرل باجوا جي برداشت واري جذبي جي تعريف به ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو