جنرل باجوا جي سعودي هم منصب سان ملاقات

رياض (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سعودي هم منصب سان ملاقات ڪئي آهي. پاڪستان جي فوجي ترجمان ٻڌايو آهي ته علائقائي سلامتي، خطي جي مسئلن، ٻطرفن لاڳاپن، افغان امن اعمل، آمريڪي فوج جي واپسي بعد پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال سميت گڏيل دلکسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترجمان موجب فوجي تعاون تي به ويچار ونڊيا ويا.ياد رهي ته جنرل باجوا  سعودي عرب جي دوري تي اڱاري تي رياض پهتو هو. اپريل جي آخر ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري بريفنگ ۾ ٻڌايو هو ته مئي جي شروع ۾ وزيراعظم عمران خان فوجي قيادت سان گڏ سعودي عرب جي ولي عهد پرنس محمد بن سلمان المعروف ايم بي ايس جي دعوت تي دورو ڪندو. هن تاريخ ته نه ٻڌائي هئي پر ذريعن موجب 7 مئي تي کين وڃڻو هو. هاڻي اوچتو آرمي چيف اڳ ۾ هليو ويو آهي ۽ اهو به واضح ناهي ته هو عمران خان جي سعودي پهچڻ تائين اُتي موجود هوندو يا موٽي ايندو. ذريعن موجب هي دورو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان ڪشمير سميت سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي انٽيليجنس ادارن جي سربراهن ۾ ڳالهيون به ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو