جناح هائوس حملو، اڳوڻي آرمي چيف جي ڏوهٽي گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي جناح هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهه لڳڻ جي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حامي ۽ مشهور فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. خديجا شاهه اڳوڻي آرمي چيف آصف نوقاز جنجوعا جي ڏوهٽي ۽ اڳوڻي ناڻي واري مشير سلمان شاهه جي ڌيءَ آهي. سندس گرفتار مڙس جهانزيب سندس مخبري ڪندي پوليس کي ٻڌايو ته هوءَ گلبرگ ۾ جهانگير ترين جي ڌيءَ مهر ترين جي فليٽ تي آهي، پوليس جڏهن اتي پهتي ته هوءَ کسڪي چڪي هئي. هن کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ سندس والد، جهانگير ترين، چوڌري شجاعت ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي دوستن ڪافي ڪوشش ڪئي پر آرمي چيف جي زيرو ٽالرينس پاليسي هيٺ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. تازو ئي فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه جو آڊيو به سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن پاڻ کي پوليس حوالي ڪرڻ جو چيو پر پوليس گرفتار ڪرڻ بدران گهر مان ڀڄي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو