جمهوريت منصفاڻي سماج جو بنياد هوندي آهي: زرداري

جمهوريت منصفاڻي سماج جو بنياد هوندي آهي: زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته جمهوريت منصفانه سماج جو بنياد آهي.جمهوريت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو پيو وڃي.هن چيو ته شهرين کي بااختيار بڻائڻ ۽ سياسي عمل ۾ شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۾ جمهوريت جو اهم ڪردار آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي سياست ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون جمهوري عمل لاءِ نمايان خدمتون آهن. آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت حقن جي تحفظ ۽ سياسي، معاشي ۽ سماجي شموليت کي فروغ ڏيڻ جو وسيلو آهي، پارليامينٽ مسئلن جي حل ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ بنيادي ادارو آهي. صدر اهو به چيو ته اڄ اسان جمهوريت لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسان جي قوم جي مسئلن جو حل متحرڪ ۽ جامع جمهوري عمل ۾ ئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو