9 ۽ 10 محرم تي سنڌ ۾ ڪانفرنسون منعقد ٿينديون :جماعت اسلامي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران 10 هين محرم الحرام تي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ميڙاڪا ۽ شهادت حسين ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ جماعت اسلامي جا ڪارڪن ۽ عام ماڻهو ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندا، صوبائي ترجمان مجاهد چنا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب 09 ۽ 10 محرم الحرام تي ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص، شڪارپور، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رٿيل “ شهادت حسين ڪانفرنس” کي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، راشد نسيم، ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، بلوچستان جو امير مولانا عبدالحق هاشمي، سنڌ جو امير محمد حسين محنتي، نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، ممتاز حسين سهتو، حافظ نصرالله چنا، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ۽ ٻيا عالم سڳورا توڙي بَرک دانشور شرڪت ڪندا. هوڏانهن صوبائي امير محمد حسين محنتي 10هين محرم الحرام تي صبح جو ميرپورخاص، منجهد حيدرآباد ۽ شام جو ڪورنگي ڪراچي ۾ اجتماعات کي خطاب ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو