جلد اليڪشن يا سخت معاشي فيصلا، اتحادين سان مشاورت جاري

جلد اليڪشن يا سخت معاشي فيصلا، اتحادين سان مشاورت جاري

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ فوري چونڊن يا سخت معاشي فيصلن تي غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ٻه آپشن رکيا ويندا، يا ته فوري چونڊون ڪرايون وينديون يا سخت فيصلا ڪيا ويندا، انهن ٻنهي آپشن تي سمورين اتحادي پارٽين سان صلاح مشورا ڪيا ويندا. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ ٿيل فيصلن بابت اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو