اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت سائبر ڪرائم ترميمي بل جو شروعاتي مسودو تيار ڪري ورتو آهي، نئين مسودي ۾ به اهم تبديليون ڪيون ويون آهن.مسودي موجب جعلي خبرون ڏيندڙ کي 5 سال قيد يا 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي. مواد جيڪو ڪنهن به شخص يا ٻين ادارن، بشمول قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف دهشتگردي جي ڄاڻ ۽ پکيڙ ڪري ٿو، هٽايو ويندو.مسودي تحت ڊجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، اٿارٽي کي سوشل ميڊيا تان مواد بلاڪ ڪرڻ يا هٽائڻ جو اختيار هوندو. اٿارٽي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن يا ڪنهن به شخص کي هٽائڻ جا حڪم جاري ڪري سگهي ٿي. مسودي ۾ چيو ويو آهي ته اٿارٽي کي رياست ۽ رياستي ادارن خلاف نفرت پکيڙڻ وارو مواد هٽائڻ جو به اختيار هوندو.ڄاڻي واڻي غلط معلومات پکيڙڻ، خوف ۽ انتشار پيدا ڪرڻ وارن کي 5 سال قيد يا 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي.اٿارٽي کي فوج ۽ عدليه خلاف آن لائين مواد هٽائڻ جو اختيار هوندو. ان ۾ اهو به اختيار هوندو ته اها شيئر ڪيل مواد هٽائي سگهي جيڪا مذهبي، فرقيواريت يا نسلي بنيادن تي نفرت کي وڌائي ٿي.مسودي موجب ڌمڪيون، ڪوڙا الزام ۽ فحش مواد کي به هٽائي سگهجي ٿو.رياست يا ان جي ادارن جي خلاف دهشتگردي ۽ تشدد جي ٻين شڪلن کي فروغ ڏيڻ وارو مواد پڻ ختم ڪري سگهجي ٿو.مسودي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اٿارٽي جو هڪ چيئرمين ۽ 6 ميمبر هوندا جن مان 3 ايڪس آفيشيو ميمبر هوندا. اٿارٽي جي فيصلي خلاف ٽربيونل ۾ اپيل ڪري سگهجي ٿي.










