چيف سيڪريٽري کي نوٽيس، جوائنٽ وينچر ۾ فريال جي ضمانت منظور

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري شهر جي احتساب عدالت جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ڪراچي جي جيلن ۾ قيد جوابدار پيش نه ڪرڻ تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جج محمد ارشد ملڪ جي عدالت هن ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدارعدنان جاويد جا ضمانت جوڳا وارنٽ پڻ جاري ڪيا آهن. عدالت هدايت ڪئي هن ڪيس جي ٻن جوابدارن اعظم وزير ۽ ناصر لوطا جيڪي پرڏيهه فرار ٿي ويا آهن انهن جي سفري تاريخ بابت رڪارد پيس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت چار جوابدار پيش ٿيا. هن ڪيس ۾ ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ هڪ ٻئي جوابدار شهزاد جي ضمانت لاءِ عدالت ڏهه لک جا مچلڪا پڻ قبول ڪيا. جڏهن آصف زرداري ۽ فريال ٽالپرمچلڪا جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ته جج چيو اوهانجي ضمانت واري درخواست زير التويٰ آهي ۽ ان جي ايندڙ سماعت تي غور ڪبو. نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪراچي بينڪنگ ڪورٽ مان سمورو رڪارڊ گهرائي ورتو آهي ۽ کيس وقت گهرجي ته هو پيپر بڪ تيار ڪري جوابدارن کي فراهم ڪري. ياد رهي ته پيپر بڪ ملڻ بعد ملزمن تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي آهي. نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ زرداري ۽ فريال خلاف ڪرن امان ۽ نورين سلطان، سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ درخواست ڏني آهي جنهن تي غور هلي رهيو آهي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪيس جو هڪ جوابدار اقبال آرائين فوت ٿي ويو آهي. جج کيس چيو ته ان جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ پيش ڪريو. وڌيڪ سماعت 29 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي. هوڏانهن فريال ٽالپر جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 29 اپريل تائين جوائنٽ وينچرڪيس ۾ به عبوري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. هن ڪيس ۾ مٿس الزام آهي ته هن زرداري  گروپ ۽ بحريا ٽائون جي جوائنٽ وينچر ۾ ڳري رشوت ورتي آهي. ننيب پاران نئين ڪيس جيڪو جوائنٽ وينچر بابت آهي، ان ۾ جاچ لاءِ فريال کي اربع تي طلب ڪيو آهي ۽ هن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ محسن اختر ڪياني تي مشتمل بينچ 10 لک جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي 29 اپريل تائين ضمانت منظور ڪري ڇڏي. واضح رهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال جي 29 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ٿيل آهي. عدالت جوائنٽ وينچر جي ضمانت واري درخواست جعلي اڪائونٽس ڪيس سان گڏ ڪرڻ جو به هدايت ڪئي. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته اسين ان کي روڪينداسين.  اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران پيشي دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ روزانو نوان تجربا ٿي رهيا آهن ۽ اهڙن تجربن جي ڪري ملڪ جي حالت خراب ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو