جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ڪراچي منتقلي بابت 26 نومبر تي ٻڌڻي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ذريعي اربين روپين جي مبينه مني لانڊرنگ وارو ڪيس ڪراچي منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ 26 نومبر کان ٻڌڻي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجازالحسن تي مشتمل بينچ ٻڌڻي ڪندي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر هن ڪيس ۾ گرفتار آهن ۽ نيب راولپنڊي ۾ هن ڪيس جي ٻڌڻي هلندڙ آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن جرم ڪراچي ۾ ٿيو، ملزمن جو تعلق به ڪراچي سان آهي ته ڪيس راولپنڊي ۾ ڇو ٿو ٻڌو وڃي. آصف علي زرداري کي نيب هلندڙ سال 11 جون ۽ فريال ٽالپر کي 14 جون تي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو. هن مهل تائين ٻنهي خلاف نيب ريفرنس داخل نه ڪري سگهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو