جست جا 2 سرگرم ڪارڪن ڪراچي مان کنڀجي ويا

ملير (شهزادو مستوئي ) جيئي  سنڌ تحريڪ (جست) جو مرڪزي پريس سيڪريٽري سيد مسعود شاهه جست ملير جي اڳواڻ شوڪت مرکنڊ سان گڏ شاهه لطيف ٽائون وٽان  شام داري کنڀجي ويو. جنھن خلاف مختلف ھنڌن تي احتجاجي مظاھرا ڪري  ۽ ڌرڻا هنيا ويا ان سلسلي ۾ ملير ڀينس ڪالوني شھيد ارشاد رانجھاڻي چوڪ مين روڊ تي جست ملير طرفان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقع تي جست اڳواڻن سيد آفتاب شاهه , مختيار سومرو عمران نوناري خالق خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته مسعود شاهه بيگناھ آھي کيس سنڌي قوم جي مالڪي ڪرڻ تي کنڀيو ويو آھي ھو جي ايم سيد ۽ سنڌ سان پيار ڪنڌڙ  ڌرتي ڌڻي آهن. مسعود شاهه ۽ شوڪت مرکنڊ جي کنڀجڻ سان اسان جا حوصلا بلند ٿيا آھن انھن وڌيڪ چيو ته مسعود شاهه شھيد ارشاد رانجھاڻي قتل کيس ۾ گواھ پڻ ھيو انھن مطالبو ڪيو آھي ته مسعود شاهه ۽ شوڪت مرکنڊ کي جلد آزاد ڪيو وڃي ۽ نه ته ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جي ڪال ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو