جرڳي ذريعي عورت کي قتل جي مذمت، سردارخلاف ڪاروائي جو مطالبو

حيدرآباد (ن س) ڪي پي ڪي جي ڪوهستان ۾ جرڳي ذريعي بيگناه عورت کي قتل ڪرڻ جي مذمت ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمره سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري مروبت هاليپوٽو، مرڪزي اڳواڻ نوربانو ملاح پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي حُڪمراني ۽ بالادستي ھجڻ بدران طاقتور قبيلائي سردار رياست اندر پنھنجي رياست قائم ڪريو ويٺا آھن جيڪي جرڳا ڪري ماڻھن کي قتل ڪرڻ جا فيصلا ڪن ٿا ۽ ان کان پوء به انھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ بدران آزاد گھمندا ۽ انسانن جي قتلن جا حُڪم ناما جاري ڪندا وتن. حڪمرانن عدالتن کي ڪمزور ڪري جرڳن کي هٿي ڏياري آهي. عدالتن ۾ دير سان ڪيس لڳڻ ۽ مهانگي انصاف سبب جرڳائي سردارن جا ٺٺ ٿي ويا آهن. ڪي پي ڪي جي ڪوهستان جي ضلعي ڪولئي پالس ۾ نياڻي جي سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿيل وڊيو جعلي ثابت ٿي جنهن مان واضح ٿيو آهي ته هي جرڳي جو قتل هڪ وڏي منصوبابندي هو. سڄي ملڪ ۾ ڄڻ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو ٿيل آهي، عام شهرين جا حق معطل آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته نياڻين کي قتل ڪرڻ ۽ سڱ چٽين ۾ ڏيڻ جهڙا فيصلا ڪندڙ جرڳائي سردارن ۽ وڏيرن کي گرفتار ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڦاهي جي سزا ڏني وڃي. سائبر بلنگ (آنلائين هراسمينٽ) کي روڪڻ لاءِ گهربل قانونسازي ڪئي وڃي. ڪوهستان جي ساڳئي علائقي ۾ 2012ع ۾ به اهڙو دردناڪ واقعو ٿيو هو جنهن ۾ هڪ مرد جي ڊانس ڏسي تاڙيون وڄائڻ جي ڏوه ۾ هڪ ڀيڻ کي چئن ڀائرن سميت جرڳي جي فيصلي تحت قتل ڪيو ويو هو ۽ اهي قاتل اڃا تائين 14سال گذرڻ باوجود قانون جي پڪڙ کان آجا آهن جنهن ڪري جرڳائي سردار بنا روڪ ٽوڪ جي ماڻهو قتل ڪرڻ جهڙا غيرانساني ۽ غير قانوني فيصلا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ڪي پي ڪي جي ڪوهستان ۾ سوشل ميڊيا تي ڇوڪري جون ڊانس ڪرڻ واريون جعلي وڊيو ۽ تصويرون وائرل ٿيون جنهن تان مقامي سردارن جرڳو سڏائي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي دردناڪ واقعي جي جيڪا مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. اسين ملڪ جي اعلي عدالت کان مطالبو ٿا ڪيون ته ان واقعي جو نوٽيس وٺي جرڳائي سردار ۽ سندس ساٿارين کي ڦاسي چاڙهيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو