ججن خلاف ريفرنس جي سماعت، ڳجهارت بڻيل

اسلام آباد(اياز مهر) سخت سيڪورٽي ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف صدارتي ريفرنس جي سماعت معمول جي عدالتي ڪاروائي بعد بند ڪمري ۾ ٿي. اٽارني جنرل انور منصور ابتدائي دليل ڏنا، پر خبر ناهي ته ڪائونسل مطمئن ٿي يا نه. هوڏانهن وڪيلن سپريم ڪورٽ جي مک دروازي تي ڌرڻو هنيو ۽ گيٽ بند ڪري ڇڏيو. وڪيلن جي هڪ ننڍي گروپ ڌرڻي جي مخالفت ڪئي پر بعد م هو هليا ويا. وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد چيو ته ججن خلاف ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي ۽ اسين ججن سميت سڀني کي پيغام ٿا ڏيون اهڙو ريفرنس خارج ڪيو وڃي. هن چيو ته لولي لنگڙي جمهوريت ملڪ ۾ بچي آهي اها اسانجي ڪري آهي. وڪيلن عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو هو پر پنج ئي بينچ معمول موجب ڪم ڪنديون رهيون. ان موقعي تي سڄي ملڪ ۾ وڪيل احتجاج ڪري رهيا آهن. پنجاب بار جي ڪجهه وڪيلن اڄوڪي احتجاج کان لاتعلقي ظاهر ڪئي هئي. سپريم جڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ جوڙي وئي آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جا ٻه جج جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس عظمت سعيد شيخ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس وقار احمد شامل آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل جي دليلن مان جيڪڏهن ڪائونسل مطمئن ٿي ته ججن کي نوٽيس جاري ڪندي ۽ ٻئي صورت ۾ ريفرنس خارج ڪيو ويندو. ٻنهي ججن تي الزام آهي ته هنن جي خاندان جي فردن جي نالي پرڏيهه ۾ ملڪيت آهي جيڪا هنن ظاهر ناهي ڪئي. ججن جو چوڻ آهي ته سندن ٻار خودمختار آهن ۽ هو پاڻ ٽيڪس ڀرين ٿا ۽ هنن چوري جي پئسن مان نه پر بئنڪن کان قرض وٺي اها ملڪيت خريد ڪئي آهي. ان کان اڳ پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي سڄي ملڪ جي وڪيلن جي نمائنده تنظيمن جو گذريل هفتي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزير قانون فروغ نسيم ۽ اٽارني جنرل منصور علي خان جي بار جي رڪنيت معطل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو، جنهن تي عمل ڪندي ڪراچي بار سندن رڪنيت معطل ڪئي هئي. اڄ وڪيلن جو احتجاج روڪڻ لاءِ سيڪورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو